اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت معاش??ي جي محروم طبقن جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي معاشي خودمختياري حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومت احساس پروگرام تحت 20 لک خصوصي ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪن??ي، ڪامياب جوان پروگرام تحت خصوصي ماڻهن کي ڪاروبار لاءِ قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار لاءِ خصوصي ماڻهن کي قرض فراهم ڪري رهي آهي پر آگاهي نه هجڻ جي ڪري انهن ق??ضن سان ??صوصي ماڻهن جو وڏو انگ فائدو نه کڻي رهيو آهي، ميڊيا خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي پيدا ڪري ۽ معاشري ۾ خصوصي ماڻهن بابت تعصب جو ازالو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان ??در ۾ خصوصي ماڻهن ۾ خصوصي وهيل چيئرز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو.