اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سمورن هدفن وانگر وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد واري رٿ به بر?? طرح ناڪام ٿيندي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون پنهنجي پنهنجي مفادن جي جنگ وڙهي رهيون آهن، سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ڪجهه هفتا رهجي وي?? آهن، اعليٰ عدليه کان رهنمائي ورتي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪري سگهون ٿا، مخالف ڌر پاران ٻن سالن ۾ وڌيڪ قرض وٺڻ جي پروپئگنڊه بي بنياد آهي، ٻن سالن ۾ ورتل ٻاهرئين قرضن مان 6 کرب ماضي جي قرض ۽ وي??ج جي مد ۾ ادا ڪيا وي?? آهن، پارلياماني پارٽي ۾ سمورن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. هو پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بر??فنگ ڏئي رهيو هو.