اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن م??جب سياحت جي شعبي کي ترقي ڏني پئي وڃي ته جيئن م??ڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿي سگهن، پيراگلائيڊنگ ۾ نوجوانن جي دلچسپي وڌي رهي آهي، ان نوعيت جي سرگرمين سان نه رڳو راندين کي ف??وغ ملندو پر سياحت جي شعبي ۾ به ترقي ٿيندي. هو ٽن ڏينهن واري سياحتي ۽ فيملي ميلي ??ي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. منصوبابندي، ترقي،سڌارن ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير اسد عمر، توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب، هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، وزيراعظم جو خصوصي صلاحڪار ذوالفقار بخاري، بين الصوبائي رابطن ۽ راندين واري وفاقي وزير فهميده مرزا کانسواءِ ملڪ جي مختلف حصن مان سياحت ۽ راندين جي شعبي سان لاڳاپيل مشهور شخصيتن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو ته نجي شعبي ان تقريب جو انعقاد ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت انهن جي مدد ڪئي آهي جنهن جو مقصد مقامي رهواسين کي صحتمند تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته پيراگلائيڊنگ مهانگي راند نه هئي، ان ۾ نوجوانن جي وڌ??دڙ تعداد اسان لاءِ حوصلي وارو آهي. هن چيو ته ان م??لي ۾ پاڪستان ۽ ٻاهرين م??ڪ جا نمائندا شريڪ ٿيا.