اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير ۽ نجڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ ڇنڇر ڏينهن اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري جو جا??زو ورتو ويو. نجڪاري واري وزارت مان جا??ي بيان موجب نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو جي صدارت ۾ نجڪاري ڪميشن هفتيوار جا??زي اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ نجڪاري وري وفاقي سيڪريٽري حسن ناصر جامي، نجڪاري واري ايڊيشنل سيڪريٽري خاقان بابر سميت اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وفاقي وزير کي نجڪاري لسٽ ۾ شامل مختلف ادارن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي ۽ نجڪاري جي سلسلي ۾ درپيش مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي عمل جو جا??زو ورتو ويو. اجلاس ۾ سروسز انٽرنيشنل هوٽل، هيوي اليڪٽريڪل ڪمپليڪس، گُڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽس، جناح ڪنوينشن سينٽر، فرسٽ ويمن بئنڪ ۽ نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان هيستائين اڳڀر??ئي جو تفصيلي جا??زو ورتو ويو.