اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خ??ن جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت معاشي ميدان سميت هر شعبي ۾ ڪاميابي جون من??لون تيزي سان طئي ڪري رهي آهي، عمران خ??ن جي حڪومت پنهنجو پنج سالن جو مدو مڪمل ڪندي ۽ مخالف ڌر کي انهي پگهار تي تيستائين ڪم ڪرڻو پوندو، پي ڊي ايم ماضي جو حصو بڻجي چڪي آهي، صحافين جي زندگين ۽ صحت جي تحفظ لاءِ پروٽيڪشن آف جرنلسٽ اينڊ ميڊيا پروفيشنلز بل 2021ع ايوان ۾ پيش ڪيو ويو آهي، مخالف ڌر کي گهرجي ته ان بل کي اتفاق راءِ سان من??ور ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، عمران خ??ن جي ترجيح عام ماڻهو جي ڀلائي آهي، گهٽ آمدني واري طبقي لاءِ نئون پاڪستان اسڪيم، غربت جي هيٺن سطح تي زندگي گذاريندڙن لاءِ ڪيش ايمرجنسي پروگرام، شا??ردن ۽ شا??ردياڻين جي لاءِ اسڪالرشپ ۽ ٻيا پروگرام عام عوام لاءِ آهن. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس پروگرام کي خطاب ڪري رهيو هو.