اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سان ملاقات لاءِ غير ملڪي صحافين جي واگها رستي پاڪستان اچڻ تي پابندي جو ڀارتي فيصلو انتهائي افسوسناڪ ۽ مذمت ج??ڳو آهي، عالمي صحافين کي پاڪستان اچڻ کان روڪي دنيا جي ”سڀ کان وڏي جمهوريت“ جي نام نهاد دعويٰ هڪ دفعو ٻيهر بي نقاب ٿي ويو آهي. پنهنجي ??يان ۾ هن چيو ته پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪي مودي حڪومت پنهنجي ??نهن دعوائن جي نفي ڪئي آهي جيڪي ان جي پرڏيهي وزير تازو ئي اعتدال پسندي، ڳالهه ٻولهه ۽ ع??لمي قانونن جو درس جي ??ور تي دنيا جي ??امهون ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نئين دهلي ۾ رهندڙ نيويارڪ ٽائمز، رائٽرز ۽ دي اڪنامسٽ جي نمائندن کي پاڪستان اچڻ کان روڪڻ ڀارت جي ??ن خوف ۾ مبتلا هجڻ جو واضح ث??وت آهي ته هو سچائي کي منهن نٿو ڏئي سگهي، هن چيو ته ميڊيا جي پيشيوراڻي معاملن ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آزاداڻي رپورٽنگ جي مڃيل عالمي حق کان روڪڻ 5 آگسٽ 2019ع جي فسطائي، هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن جي ??نتهاپسنداڻي ذهنيت ج?? تسلسل آهي جنهن جي ??ريعي عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب غير قانوني طور تي ڀارت ج?? ڏاڍ هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??وام جو بنيادي حق عوامي راءِ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته انهن پرڏيهي صحافين کي 5 آگسٽ تي آزاد ڪشمير جي ??سيمبلي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، اسان چاهيون ٿا ته ڀارت سمورن خودمختيار صحافين کي والاريل ڪشمير ۾ وڃڻ ۽ حقيقي رپورٽ ڪرڻ جي ??جازت ڏي.