اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مذهبي عقيدن ج?? احترام کي حڪومت جي بنيادي پاليسي قرار ڏيندي چيو آهي ته رحيم يار خان ۾ اقليتن ج?? قومي ڏينهن ج?? موقعي تي مندر جو ٻيهر کلڻ حڪومت پاران اقليتن ج?? حقن کي ڏني ويندڙ اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مذهبي عقيدن ج?? احترام اسان ج?? بنيادي پاليسي آهي ۽ اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته پاڪستان ج?? آئين ج?? گهرجن موجب سمورا شهري زندگي ۽ آزادي جي نعمت مان لطف اندوز ٿين. واضح رهي ته رحيم يار خان ج?? علائقي ڀونگ شريف ۾ 24 جولاءِ تي 8 سالا هندو ??ار جي خلاف توهين مذهب جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو، پوليس ٻار کي گرفتار ڪري ورتو ۽ 4 آگسٽ تي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻار جي ضمانت منظور ڪري ان ج?? آزادي جو حڪم ڏنو ته مڇڙيل ميڙ احتجاج ڪيو ۽ ٽوڙ ڦوڙ سان هڪ مندر کي نقصان پهچايو جڏهن ته وزيراعظم ان واقعي جو فوري نوٽيس ورتو ۽ مندر جي بحالي جو حڪم ڏنو ۽ تنهن ڪري 11 آگسٽ تي متاثر مندر جي بحالي ڪئي وئي آهي. پاڪستان هندو ڪائونسل جي سرپرست اعليٰ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر رميش ڪمار اقليتن ج?? ڏينهن ج?? موقعي تي ڀونگ شريف ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي ۽ مذهبي رسمون ادا ڪري متاثر مندر جي بحالي جو افتتاح ڪيو.