اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪشمير جي عوام جي حقن ۽ والاريل ڪشمير جي آزادي ويراعظم عمران خان جي ترجيحي ايجنڊا ۾ شامل آهي، وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي منصوبن ۾ خصوصي دلچسپي وٺي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان ??حمود سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. بئريسٽر سلطان ??حمود اطلاعات واري وفاقي وزير کي پنهنجي تازي آمريڪا جي دوري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ??لاقات جي تفصيلن کان ??ڻ آگاهه ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته آزاد ڪشمير جي ترقي ۽ خوشحالي سميت سياحت جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ميرپور منگلا روڊ تمام جلد مڪمل ٿيڻ وارو آهي جنهن سان دينه کان ??يرپور تائين جي سفر ۾ درپيش مشڪلاتن جو خاتمو ٿيندو، للا کان جهلم تائين ٻن ڦاڪن واري رستي کي منگلا رستي آزاد ڪشمير سان ڳنڍڻ جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي جنهن سان ڪشمير سان ??واصلاتي رابطن جو هڪ نئون دور شروع ٿيندو. ان ??نصوبي سان ڪشمير کان اسلام آباد تائين سفر هڪ ڪلاڪ تائين ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪشمير ۾ سياحت جي سرگرمين کي پڻ فروغ ملندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي وي جي باقاعده نشريات شروع ڪري ڪشميري عوام جو آواز سڄي دنيا ۾ پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان ??يليويزن والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان ??حمود اطلاعات واري وفاقي وزير کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت پاران جاري انساني حقن جي پائمالين کان ??ڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ??ه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ??لاقات ۾ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق ۽ ڀارت جي 5 آگسٽ جي قدم سميت والاريل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي ظلمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. بئريسٽر سلطان ??حمود چيو ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ آزادي جي بيس ڪئمپ مان ڀرپور انداز ۾ آواز اٿاريو ويندو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي.