اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڳوڻي نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ??حم?? عمير جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ??حم?? عمير شرجيل انعام ميمڻ ريفرنس ۾ 15 اصل پراپرٽي ڊيڊ چورايا هئا، انڪوائري کانپوءِ نيب ??حم?? عمير کي نوڪري مان ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، نيب اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب چيئرمين جي سروس مان ڪڍڻ جي حڪم جي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي، صدر نيب پاران ??حم?? عمير کي سروس مان فارغ ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي چيو ته ڏوهه جي نوعيت جي اعتبار سان نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي، نيب ??حم?? عمير جي خلاف قانون جي آخري حد تائين ڪارروائي ڪري، ??حم?? عمير اهم ڪاغذن جو واحد نگران هو، اسٽيل جي الماري مان ڪاغذ چوري ٿيا، الماري تائين رسائي صرف ??حم?? عمير کي حاصل هئي، عدالت ۾ ڪاغذ پيش ڪرڻ جو واعدو به ڪيو، عين وقت تي عدالت کي ڪاغذات چوري هجڻ جو ٻڌايو وي?? جنهن جي ڪري ڪيس ۾ ملوث ماڻهن کي ضمانت ملي وئي، دٻاءُ وجهڻ کانپوءِ ڪاغذ برآمد ٿيا ۽ نيب کي شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو، صدر چيو ته نيب جي تحويل مان اصل ڪاغذن جي چوري هڪ ڪڌو ڏوهه آهي، پاڪستاني عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وڌي وئي ۽ ادارن کي دوکو ڏنو وي??، پاڪست??ن کي ڪرپٽ لٽيرن جي ڪري شديد نقص??ن کڻڻو پيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ باهه جي ڪري ثبوتن تي مشتمل عمارتون به سڙي وي??ديون آهن، ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستاني سياستدانن جي ڪرپشن ڪيسن ۾ به ڪاغذات چوري ٿي وي??دا آهن. هن چيو ته ڪاغذ حادثاتي طور تي نه پر هڪ ڪرپٽ آفيسر ڄاڻي واڻي چورايا، فائل مان صرف ضروري ڪاغذ چوري ٿيا، باقي ??ڀ ڪاغذ موجود رهيا، چوري ڪو ٻاهر جو ماڻهو نه پر ڪيس جا تفصيل ڄاڻڻ واري ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو. صدر چيو ته منهنجي لاءِ ان ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ نهايت تڪليف جو باعث آهي، ان مجرماڻي فعل جي ڪري قوم کي اربين روپين جو نقصان ٿيو، نيب اڳوڻي آفيسر جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪري.