تل ابيب -09 آڪٽوبر (اي پي پي) ??سر??ئيل جي دفاع واري وزير يوايو گيلانٽ چيو آهي، ته جنگ جا اصول بدلجي ويا آهن، حماس ??سر??ئيل تي حملي کان پوءِ 50 سالن تائين پڇتائيندو. ??سر??ئيل جي اخبار ٽائمز آف ??سر??ئيل مطابق دفاع واري وزير ڏکڻ ??سر??ئيل جي اوفاڪيم علائقي جو دورو ڪيو جنن تي فسلطينين حملو ڪيو هو. ??سر??ئيل جي دفاع واري وزير ان موقعي تي چيو ته جنگ جا اصول بدلجي ويا آهن ۽ حماس اسان جي جواب کي 50 سالن تائين وساري نه سگهندو. هن چيو ته غزه جي پ??ي ۾ ??سر??ئيل جي جوابي ڪارروائي ايندڙ 50 سالن تائين ماڻهن جي ذهنن ۾ تازي رهندي ۽ حماس کي اها ويڙهه ڪرڻ تي پڇتاءُ ٿيندو. هن چيو ته جنگ جا اصول بدلجي چڪا آهن، غزه جي پٽي جيڪا قيمت ادا ڪندي اها وڌيڪ هوندي. ??سر??ئيل تصديق ڪئي ته غزه ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 ??سر??ئيلن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه ميڊيا رپورٽن مطابق غزه پ??ي ۾ 170 ??سر??ئيلن کي يرغمال بڻاوي ويو آهي. واضح رهي ته ڇنڇر ڏينهن شروع ٿيل جنگ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ 700 کان وڌيڪ ??سر??ئيلي فوت ۽ 2200 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ??سر??ئيل جوابي ڪارروائي ڪندي غزه پٽي خلاف وڏي پئماني تي فوجي آپريشن ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين 370 فلسطيني شهيد ۽ 2 هز??ر جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي چڪا آهن.