اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي وڏي نعمت آهي، ميڊيا مثبت تنقيد جي ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۾ مع??ون?? ڪري.”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ نجي ٽي وي چين?? جي صحافي حبيب اڪرم سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خا?? چيو ته آزاد ميڊيا کان ڊڄندڙ حڪمر??نن کي قانون ٽوڙڻو هوندو آهي ان لاءِ اهي گهٻرائين ٿا ۽ يا پوءِ ڪرپٽ عملدار آزاد ميڊيا کان ڊڄن ٿا. ه?? چيو ته جيڪڏهن مون چوري ڪئي هجي ته پوءِ آزاد ميڊيا کان ڊڄندس. وزيراعظم عمران خا?? چيو ته ميڊيا جو ڪم مثبت هجڻ گهرجي، غلط اطلاع ??ان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ مثبت تنقيد ذريعي حڪومت ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ گهرجي. ه?? چيو ته ڪنهن به ملڪ جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي تمام وڏي نعمت آهي.