اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ۽ اتحادي پ??رٽ??ن جي پارلياماني پ??رٽ?? وزيراعظم عمران خان ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت جا تاريخي سڌارا ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اتحادي پ??رٽ??ن جي پارلياماني پ??رٽ?? جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ هڪ قرارداد جي متفقطه طور تي منظوري ڏني وئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته اسان حڪومت جي سموري اتحادي پ??رٽ??ن، موجوده حڪومت ۽ وزيراعظم عمران خا?? تي مڪمل اعتماد ڪريون ٿا ۽ ڳالهه کي ورجايون ٿا ته موجوده حڪومت جا تاريخي سڌارا ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا، اسان متقفه طور تي وزيراعظم ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪريون ٿا، اسان پارليامينٽ کي جمهوري قدرن موجب بدستور فعال رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين.