اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر جي منطق نرالي آهي، مسجدون کلڻ تي ا??تراض ڪن ٿا پر پارليامينٽ کولڻ جي لاءِ بي تاب آهن، شهباز شريف هڪ طرف ڪورونا وائرس جي خوف کان نيب جي ٽي رڪني جاچ ٽيم جي سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي سماجي فاصلي تي ا??رار آهي، ٻئي طرف سوين پارليامينٽرينز جي موجودگي ۾ اجلاس طلب ڪرڻ تي ضد ڪري رهيو آهي، اجلاس گهرائڻ اسپيڪر جو استحقاق آهي حڪومت کي ڪو اعتراض نه آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته (ن) ليگي قيادت قول ۽ فعل جي تضاد جو زندهه مثال آهي.