اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذهبي معاملن واري مرڪزي سيڪريٽري پير ??يد حبيب عرفاني ۽ عالم سڳورن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??را?? جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ عالم سڳورن ۾ پير ??يد اسر??را??حق نظامي، پير ??وصيف الاهي مجددي، علامه عظمت حسين شاهه ۽ علامه محمد اصغر شامل هئا. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏس ۾ موجوده حالتن ۾ عالم سڳورن جو ڪردار خاص طور تي عوام ۾ حفا??تي تدبيرن جي فروغ ۾ عالم سڳورن جي ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسجدن، درگاهن ۽ خانقاهن جي معاملن جي بهتر انتظام جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.