اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ملڪ ۾ سڄو سا?? ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ج?? ڏس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآ??د جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ ۽ وڏن درآمد ڪندڙن سا?? جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، اي سي سي ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ کي آفشور پاڪستاني رپيو لنڪڊ بانڊز عالمي سيڙپڪارن کي جاري ڪرڻ ۽ گئس فيلڊز جي ڀرپاسي 5 ڪلوميٽر جي علائقن کي گئس جي فراهمي ج?? ڏس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلن تي عملدرآمد تحت ناڻي واري وزارت کي سوئي سدرن جي لاءِ هڪ ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجل??س وزيراعطم آفيس ۾ وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. ملڪ ۾ سڄو سا?? ڪڻڪ ۽ اٽي جي مناسب قيمتن تي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ج?? ڏس ۾ رابطا ڪميٽي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت کي ڪڻڪ جي درآ??د جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اي سي سي وزارت کي ڪڻڪ جي وڏن درآمد ڪندڙن سا?? جلد اجلاس منعقد ڪرائڻ ۽ درآمدي ڪڻڪ جي امڪاني قيمت ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ قيمت مستحڪم رکڻ جي لاءِ زرتلافي جي ضرورت بابت تجويزون اي سي سي کي جمع ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي.