اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان سميت ملڪ ج?? مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??هار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب هن متاثرين سان يڪجهتي جو ا??هار ڪندي چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. سينيٽ چيئرمين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي زور ڏنو ته بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي مدد ل??ءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ ??ن علائقن جو رابطو ملڪ ج?? ٻين حصن سان ڪٽجي ويو آهي انهن جي بحالي ل??ءِ مناسب قدم کنيا وڃن.