اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشميرين جي اڻٽر حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، پا??ستان جي ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن جي عالمي تنظيمن، چين، ترڪي ۽ سعودي عرب سميت ٻين دوست ملڪن ڪشمير مسئلي تي پا??ستان جي موقف جي حمايت ??ئي آهي، هٿياربند فوج ۽ پا??ستاني قوم دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو جنهن تي کين خ??اج تحسين پيش ڪريان ٿو، افغانستان ۾ امن جي لاءِ امن معاهدو اهم قدم آهي، پا??ستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، سي پيڪ سان خ??ي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، ڪورونا وائرس جي باوجود پا??ستان جي معاشي انگ اکر مثبت راهه تي گامزن آهن، حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ قوم جي تعاون سان ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي ملي، گذريل ٻن سالن جي دوران حڪومت ۽ قوم ڪرپشن جي خلاف علم بلند ڪيو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن 74 هين يوم جشن آزادي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.