اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ??هي ته حڪومت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، اين آر او جي حوالي سان حڪومت بليڪ ميل نه ٿيندي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ??هي ته ماضي ۾ ڏنل اين آر اوز جي ڪري ملڪ جي قرضن ?? ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو ??هي ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو ??هي، ڪابينا بلوچستان حڪومت جي درخواست تي بليدا ٽائون انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏکڻ لاءِ ٻن پلٽونن جي منظوري به ڏني. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي عوام جي مشڪلاتن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي ازالي لاءِ قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، اجلاس کي قبائلي علائقن جي انضمام کانپوءِ ڪوٽا جي نظام ۽ انهن علائقن ۾ عوام کي ملڪ جي ٻ??ن علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سا?? ڪوٽا سسٽم جي اهميت تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان چيو ??ه گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن ۽ طبقن کي ملڪ جي ٻ??ن حصن جي برابر آڻڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪوٽا سسٽم پهرين وانگر جاري آهي جنهن جو مقصد پوئتي پيل ماڻهن کي ملڪ جي ٻ??ن حصن جي برابر آڻڻ آهي، هن چيو ??ه ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوٽا سسٽم ۾ انصاف هجي.