اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح هدايت ڪئي ته هن وقت ملڪ ۾ بجلي جي ڪا کوٽ نه آهي ان لاءِ نوان ڪنيڪشنز ڏيڻ ۾ دير جو ڪو جواز نه آهي، حڪومت جو مقصد ماڻهن ج?? لاءِ آسانيون ۽ سهولتون مهيا ڪر?? آهي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان ج?? قيمتي اثاثو آهن، ان ج?? لاءِ ملڪي ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي راهه ۾ رڪاوٽن ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيون وڃن. هو هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو.