اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي مطالبن کي رد ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم جا مطالبا غيرآئيني ۽ غيرجمهوري آهن، مطالبو قبول نه آ??ي، ڌمڪين سان ڳالهه نه ٿيندي، وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ نه ئي اسيمبلي تحليل ٿيندي، لاهور جي جلسي ۾ ڪا نئين ڳالهه نه هئ?? اهي ئي ڳالهيون هو گذريل جلسن ۾ ڪري چڪا آهن، پي ڊي ايم ۾ استعيفائن جي معاملي تي ابهام آهي، لانگ مارچ جي حوالي سان به پي ڊي ايم ۾ اتفاق نه آ??ي، بلاول کي چوان ٿو ته پٽ سياست ۾ دروازا ??ند ناهن ٿيندا توهان کي اڃا ??ربيت جي ضرورت آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 13 ڊسمبر کانپوءِ پي ڊي ايم ۾ افراتفري ??کڙ??ل آهي ۽ ڪافي مايوسي جو شڪار آهن.