اسلام آباد – 02 –; جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. وزيراع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي حوالي سا?? اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسمگلڊ تيل جي وڪري سبب معيشت کي 100 کان 150 ارب رپيا سا??يانو نقصان ٿي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن ??قت ملڪ ۾ 2094 پيٽرول پمپس اسمگلڊ تيل جي وڪري ۾ ملوث آهن. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچي رهيو آهي.