اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۽ راوي منصوبا م??جو??ه حڪومت جي ترجيحي منصوبن ۾ شامل آهن، ان تي ٽائيم لائنز موجب عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان هيستا??ين جي اڳڀرائي تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ راوي سٽي منصوبي جي اڳڀرائي ۽ راوي سٽي ۾ ايگري فارمنگ جي شعبي ۾ هيستا??ين ٿيندڙ اڳڀرائي تي به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جي قيام جي حوالي سان هيستا??ين جي اڳڀرائي بابت به اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته ر??وي سٽي منصوبو لاهور شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اهم اهميت رکندڙ آهي. راوي سٽي منصوبي سان لاهور سم??ت پوري صوبي ۾ معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون.