اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مستحڪم افغانستان جي ذريعي پوري خطي کي وچ ايشيا ۽ يورپ سان ملائڻ وزير??عظ?? عمران ??ان جو ويزن آهي، اس??ن معاشي بهتري لاءِ خطي ۾ امن ۽ اس??حڪام چاهيون ٿا، پاڪستان ۽ افغانستان کي پنهنجي مفاد جو فيصلو پاڻ ڪرڻو پوندو، سپر ??او??ز پنهنجي گيم کيڏي هليا ويندا آهن، نتيجا اس??ن کي ڀوڳڻا پوندا آهن، پاڪستان ۽ افغانستان جا ماڻهو هڪٻئي سان تاريخي رشتن ۾ جڙيل آهن، اس??ن جا لاڳاپا لاهن چاڙهن جي باوجود مستحڪم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان افغان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ پاڪ افغان ميڊياڪانڪليو جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان جا ماڻهو مذهبي، ثقافتي ۽ جاگرافيائي طور تي هڪٻئي سان تاريخي رشتن ۾ جڙيل آهن، افغانستان جا ماڻهو اس??ن جا پنهنجا ۽ هڪ ئي قبيلي جا ماڻهو آهن، انهن سان اس??ن جي ويجهڙائي آهي، اس??ن جي زبان ۽ ثقافت هڪجهڙي آهي، افغانستان سان اس??ن جي لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ به رهي ۽ محبت به، اس??ن جا لاڳاپا لاهن چاڙهن جي باوجود اڄ به مستحڪم آهن، اهو ئي اس??ن جي تاريخ جو حصو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته تاريخ کڻي ڏسو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪيفيت تاريخ جو جبر هو، هن چيو ته روس ۽ آمريڪا ڪابل تي قبضو ڪيو ۽ نتيجو اس??ن کي ڀوڳڻيو پيو، القاعده نيويارڪ ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ افغانستان جي اندر صورتحال خراب ٿي، جڏهن افغانستان ۾ آمريڪا جي پاليسي ناڪام ٿي ته ان جا نتيجا افعانستان ۽ پاڪستان ٻئي ڀوڳي رهيا آهن، وفاقي وزير چيو ته 1988ع ۾ جڏهن افغانستان ۾ بحران ختم ٿيو ته يو ايس ايس آر ۽ آمريڪا ته اتان کان هليا ويا پر سڄو بار پاڪستان ۽ افغانستان جي ماڻهن کي برداشت ڪرڻو پيو. چوڌري فواد حسين چيو ته اس??ن افغانستان جي ماڻهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي اڳتي وڌياسين، پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، پاڪستان جي يونيورسٽين ۾ 6 هزار جي لڳ ڀڳ افغان شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، اڄ اهي ٻار پاڻ ٻڌائي رهيا آهن ته پاڪستان کين موقعو فراهم ڪيو، هن وقت 30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير پاڪستان ۾ موجود آهن، ماضي ۾ اس??ن تقريبن 50 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جيڪو افغانستان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو آهي، هن چيو ته پاڪستان جو فرض هو ته هو ان جنگ ۾ افعان عوام جو ساٿ ڏي ۽ اس??ن اهو ئي ڪيو، وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان جون حالتون خراب ٿين ٿيون ته ان سان پناهگيرن جو هڪ ٻيو بحران پيدا ٿيندو، هن چيو ته ميڊيا جي ذريعي افغانستان ۽ پاڪستان جا ماڻهو پنهنجو موقف پيش ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي ذريعي امن قائم ڪرڻ جي مقصد کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو. اس??ن افغانستان ۾ امن چاهيون ٿيو ان بابت اس??ن جو موقف واضح آهي، وفاقي وزير چيو ته مستحڪم افغانستان وسيلي پوري خطي کي وچ ايشيا ۽ يورپ سان ملائڻ وزير??عظ?? عمران جو ويزن آهي، اس??ن چاهيون ٿا ته افعانستان ۾ اس??حڪام اچي جنهن جي نتيجي ۾ اس??ن گوادر کان وٺي ازبڪستان تائين ريلوي ٽريڪ وڇائي سگهو ان سان وچ ايشيا کي گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن ۽ وچ ايشيا جي مارڪيٽن تائين پهچ حاصل ٿيندي، يورپي يونين ۽ سي پيڪ کي پاڻ ۾ ڳنڍي سگهبو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان هن خطي جو اقتصادي مرڪز بڻجي ويندو، هن چيو ته اس??ن ڀارت سان سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا ۽ جيڪڏهن ڀارت سان اس??ن جا لاڳاپا بهتر ٿين ٿا ته اس??ن دنيا جي ٻن وڏين معيشتن جي وچ ۾ هونداسين، وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ اس??حڪام سان واپار جي لا موقعا پيدا ٿيندا اهو هڪ وڏو ويزن آهي جنهن تي وزير??عظ?? ڪم ڪري رهيو آهي، وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڪڏهن به نٿو چاهي ته افغانستان ۾ ويڙهه ٿئي ۽ بي گناهه ماڻهن جو حياتيون وڃن، هن چيو ته وزير??عظ?? عمران ??ان جو موقف آهي ته ملڪ ۾ سياسي اس??حڪام ۽ امن ٿيندو ته غربت جو به خاتمو ايندو، افغانستان ۾ ڪنهن به گروپ وٽ اها صلاحيت موجود نه آهي ته پوري ملڪ تي حڪمراني ڪري سگهي، ان لاءِ افغانستان ۾ وڏي پئماني ۽ جامع حڪومت جا خواهشمند آهيون تنهن هوندي به ان جي لاءِ افغان تڪرار جي سمورين ڌرين جي خلوص نيت سان ڪم ڪرڻو پوندو ڇو ته شرطن تي ??ال??ين اڳتي نٿيون وڌي سگهن، هن چيو ته آمريڪا ۽ افغان حڪومت سان طالبان جي ??ال??ين ۾ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو تنهن هوندي بها سان جو ڪردار محدود آهي، افغانستان جا مسئلا افغانستان جي عوام کي پاڻ حل ڪرڻ پوندا، وفاقي وزير فورم جي شرڪت ڪندڙن کي مخطاب ٿيندي چيو ته افغانستان ۾ مستحڪم حڪومت جي قيام 7 ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري جي لاءِ پنهنجون تجويزون ۽ راءِ ڏين، هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ سئو سيڪڙو اتفاق راءِ ناهي هوندو، اس??ن جو مخالف ڌر سان اختلاف آهي پر اس??ن آئين تي متفق آهيون، پوري سياسي قيادت کي خبر آهي ته ان آئين تحت ئي هلڻو آهي، اهو هڪ اهڙو ماڊل آهي جنهن جي پيروي افغانستان ڪري سگهي ٿو پر اتفاق راءِ افغان عوام کي ڪرڻو آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان ۾ اس??حڪام بي شمار موقعن جو باعث بڻجي سگهي ٿو ۽ اس??ن انهي رخ ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون، اقتصادي اس??حڪام امن کانسواءِ ممڪن نه آهي، ان جي لاءِ جڏهن امن ٿيندو ته ان سان خطي ۾ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي، وفاقي وزير چيو ته ٻن ڏينهن واري ميڊيا انڪليو ۾ اس??ن کي ڊراما، فلم ۽ موسيقي جي شعبن ۾ تعاون تي ??ال??ه ڪرڻ گهرجي، خوشحال ??ان خٽڪ پاڪستان جو شاعر آهي پر هو افغانستان جو قومي شاعر آهي، انهي طرح علامه اقبال کي افغانستان جي عوام ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آرٽ ۽ ثقافت جي شعبي ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ اطلاعات واري وزارت پوري طرح سان تيار آهي، اس??ن افغانستان کي فلم، ڊراما، خاص طور تي پشتو فلمن ۾ گڏيل پروڊڪشن جي مدد فراهم ڪري سگهون ٿا، انهي طرح ٻنهي ملڪن جي نوجوان شاعرن جي شاعري جا ترجما ٿيڻ گهرجن، ان کان اڳ وفاقي وزير ميڊيا ڪانڪليو ۾ شامل افغان وفد جي ميمبرن ۾ سوينئر ۽ تحفا به ورهايا، پاڪ افغان يوٿ فورم جي ڊائريڪٽر جنرل سمان جاويد پاڪ افغان ميڊيا ڪانڪليو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير جي آجيان ڪئي.