اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران ??ان ??عليٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهترين استعمال جي لاءِ نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ سان لاڳاپيل معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وز??ر شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي وز??ر اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن جي دپٽي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان ??وج?? اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ 168 منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهن منصوبن ۾ 29 ارب رپيا ماليت جا 128 جاري منصوبا جڏهن ته 12 ارب رپيا ماليت جا 40 نوان منصوبا شامل آهن. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اعليٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وز??راعظم ملڪي وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي مدد سان هلندڙ وظيفن جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم صوبن ۾ وفاقي حڪومت جي معاونت سان هلندڙ مختلف يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليمي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهتر استعمال جي حوالي سان نظام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي حوالي سان پڻ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اعليٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ حڪومتي پاليسين کي موثر طريقي سان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وز??راعظم فني ۽ پيشيواراڻي تعليمي نظام جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن ??وج?? علم ۽ هنر سان ليس ڪري موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائي سگهجي.