اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان هدايت ڪئي ته نئين گهڻ ماڙ هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير ??ي لاءِ ضروري قانونن کي جلد کان جلد لاڳو ۽ وفاقي حڪومت جي ملازمن ??ي لاءِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وز??راعظم عمران خان پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊيپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) بابت معاملن جو جائزو وٺڻ ??ي لاءِ اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته حڪومت پبلڪ سيڪٽر ملازمن کي بهترين رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي ڪاربند آهي. ان مقصد ??ي لاءِ پي ڊبليو ڊي کي هڪ سمارٽ ۽ موثر تنظيم ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. وز??راعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو وفاقي حڪومت جي سمورين هائوسنگ يونٽس جي م??اس?? سارسنڀال کي يقيني بڻائين. هن اها به هدايت ڪئي ته نئين عمودي هائوسنگ يونٽس جي فوري تعمير ??ي لاءِ ضروري قانونن کي جلد کان جلد لاڳو ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت جي ملازمن ??ي لاءِ بهترين معيار جي رهائشي يونٽس جي فراههمي کي يقيني بڻائن لاءِ سمورن امڪاني قدمن کي استعمال ۾ آندو وڃي، اجلاس ۾ هائوسنگ واري وز??ر چوڌري طارق بشير چيمه، منصوبابندي واري وز??ر اسد عمر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت فياض ترين، هائوسنگ واري پارلياماني سيڪريٽري تاشقين صفدر، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.