اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته عدليه تي حملو ڪرڻ، ججن تي الزام هڻڻ، وڊيو ٺاهڻ (ن) ليگ جي تاريخ رهي آهي، ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، چيف جسٽس جي سوموٽو نوٽيس جي آجيان ڪريون ٿا، وزيراعظم عمران خان سان ا??حادي پارٽين جي ميمبرن جي ملاقات ۾ انهن جا خدشا ختم ڪيا ويا، سمورن ا??حادين وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع تي گهرايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل پڻ موجود هو. چوڌري فواد ح??ين گلگت بلتستان جي اڳوڻي چيف جسٽس راڻا شميم جي الزامن جي حوالي سان ڳالهائيندي چ??و ته ڪيترو کل جوڳو لطيفو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان مون وٽ آيو، اسان چانهه پي رهيا هئاسين، اوچتو چيف جسٽس کي خيال آيو هن فون کن??و ته فلاڻي جج کي فون ڪريان. اطلاعات واري وفاقي وزير چ??و ته بدقسمتي سان ڪنهن جج جو نالو کڻي اخبار ايتري وڏي هيڊ لائين لڳائي غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو، اخبار اهو چيڪ ڪرڻ مناسب نه سمجه??و ته جنهن جج جو نالو ورتو پيو وڃي اهو جج بئنچ ۾ شامل ئي نه آهي. هن چ??و ته ميڊيا ۾ ايڊيٽوريل چيڪ هجڻ تمام ضروري آهي، اهڙي طرح ڪا خبر وڏي اخبار ۾ بنا ايڊيٽوريل نه ٿي لڳي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سو موٽو جي آجيان ڪندي چ??و ته (ن) ليگ جي شاهد خاقان عباسي ۽ خواجه آصف سو موٽو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پوءِ عدالتن کي اسڪينڊل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي انهن ٻنهي ڄڻن کي به پنهنجي سوموٽو نوٽيس ۾ آڻڻ گهرجي، جڏهن ججن نوٽيس وٺي ڇڏيو هو ته انهن جو ڪم نه بڻجي ته اهي ان تي پريس ڪانفرنس ڪن. هن چ??و ته وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي اتحادي پارٽين جي ميمبرن جي ملاقات ٿي آهي، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ (ق)، بلوچستان عوامي پارٽي سميت سمورين ا??حادي پارٽين جي قيادت ملاقات ۾ موجود هئي. اتحادين جا اعتراض تفصيل سان ٻڌا ۽ انهن کي ختم ڪيو ويو. سمورن ا??حادين وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي قيادتت تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. هن چ??و ته اهو فيصلو ٿيو آهي ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس اربع ڏينهن ٻه وڳي طلب ڪيو ويندو، اليڪٽورل ريفارم جا بل اجلاس ۾ پيش ڪيا ويندا، سمورا اتحادي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن.