جده-26 ڊسمبر (اي پي پي) شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سرپرستيء?? هيٺ ٽئين حج ۽ عمره ڪانفرنس 2024ع جون تياريون مڪمل ڪي??ن ويون هن. سعودي خابرو اداري مطابق ڪانفرنس 8 کان 11 جنوريءَ ??ائين جده ۾ ٿيندي، جنهن جو مقصد حاجين لاءِ سهولتون بهتر بڻائڻ آهي. ڪانفرنس ۽ نمائش ۾ مختلف ملڪن جي حج مشنز کان علاوه حاجين کي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن ۽ ڪمپنين جا نمائندا به شرڪت ڪندا. واضح رهي ته گذريل سال ٿيل ٻي ڪانفرنس ۾ هڪ لک کان وڌيڪ زائ??ين شرڪت ڪئي ه??ي جڏهن ته 360 کان وڌيڪ حڪومتي ۽ نجي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارن جي اهم نمائندن ۽ اعليٰ عهديدارن به شرڪت ڪئي. گذريل سال ٿيل ڪانفرنس ۾ حج ۽ عمري جي حوالي سان 200 معاهدن تي اتفاق ڪي?? ويو هو.