اسلام آباد – 13 جنوري (??ي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وچ اوڀر جي پنهنجي دوري جي ٻئي مرحلي ۾ سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض پهچي ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪنگ خالد انٽرنيشنل ايئرپورٽ رياض پهچڻ تي سعودي پرڏيهي وزارت جي ڊپٽي منسٽر آف پروٽوڪول اعظم القين، سعودي عرب ۾ پا??ست??ن جي سفير راجا علي اعجاز ۽ پا??ست??ني سفارتخاني جي سينيئر عملدارن پرڏيهي وزير جو شاندار استقبال ڪيو.