اسلام ??باد – 22 م??رچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا جي صدارت هيٺ پمز اسپتال ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پمز ۽ اين ڊي ايم اي جا نمائندا به شامل هئا. ان موقعي تي ڪورونا وائرس کي مُنهن ڏيڻ لاءِ موجوده صورتحال ۽ تيارين جو جائزو ورتو ويو. ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته سيفٽي هيلٿ ور??رز حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان ??لسلي ۾ سڀ ضروري قدم کڻي رهيا آهيون.