راولپنڊي – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت جي متواز?? حڪمت عملي سان ڪورونا جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ مدد ملي آهي جڏهن ته ملڪي معيشت جي ڪجهه اهم شعبن کي کولڻ سان ??اڻ??ن کي روزگار جا موقعا به ملندا، عوام موجوده چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڊسپلين جو مظاهرو ڪري ۽ حڪومتي هدايتن تي عملدرآمد کي يقيني بڻ??ئي?? اسان جي قوم ماضي وانگر هن آزمائش مان سرخرو ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ريلوي اسٽيشن تي راشن ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلوي وارو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ عون عباس پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر غريب ۽ پورهيت طبقي جي لاءِ رمضان رليف پئڪ??ج جو اهتمام ڪرڻ تي منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته نيڪ ڪمن جي تشهير سان ??اڻ??ن ۾ اميد پيدا ٿئي ٿي ۽ انهن کي خبر پوي ٿي ته انهن جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي.