اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاه??ئي?? ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو آ??ي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه حڪومتون ايس او پيز سان سياحت جو شعبو کولينديون، اس??ن يورپ ۽ چين جهڙي لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون، مون جهڙي طرح جو لاڪ ڊائون چاهيو پئي اهڙو نه ٿيو، اس??ن جي ملڪ ۾ 25 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ آهن، ڪورونا وائرس جي صورتحال جا اثر اس??ن جي معيشت تي پيا آهن، ٽيڪس وصولي ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آ??ي، روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو به گهٽ ٿيو آ??ي، سيڙپڪاري به رڪجي وئي آ??ي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڪورونا کي وڌيڪ وڌڻو آهي ۽ موت جي شرح ۾ به اضافو ٿيندو، ڪورونا وائرس جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ گهرجي، ويڪسين جي تياري تائين اس??ن کي ڪورونا وائرس سان گڏ رهڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ روزاني جي بنياد تي اجلاس ٿي رهيا آهن، ڪورونا جي پاڪستان ۾ موج??دگ?? کانپوءِ فوري طور تي اين سي سي جو اجلاس طلب ڪيو، پاڪستان جون حالتون چين ۽ يورپ کان مختلف آهن، پاڪستان ۾ 5 ڪروڙ ماڻهو غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.