اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) پيٽروليم مصنوعات ج?? قيمتن تي ماهوار بنيادن بدران هر 15 ڏينهن کا??پوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا کا?? منظوري کا??پوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ کا?? لاڳو ٿيندو، اجلاس ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن ذريعي ٽي لک ٽن کنڊ جي درآمد جي منظوري پڻ ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ توانائي واري وزارت پاران پيٽروليم مصنوعات ج?? قيمتن تي هر مهيني بدران هر 15 ڏينهن کا??پوءِ نظرثاني ڪرڻ جي تجويز جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ج?? ٽن لک ٽن ريفائن کنڊ جي درآمد بابت تجويز جي منظوري ڏني وئي ته جيئن اڳتي ڪريشنگ سيز کا?? اڳ کنڊ جي وڏي مقدار ۾ ذخيري کي برقرار رکي سگهجي ۽ کنڊ جي کوٽ کا?? محفوظ رهي سگهجي. اجلاس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جي لاءِ هر 15 ڏينهن کا??پوءِ پليٽ اوسط جي بنياد تي نئون طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. وفاقي ڪابينا جي منظوري کا??پوءِ نئون طريقيڪار پهرين آگسٽ 2020?? کان لاڳو ٿيندو، ان طريقيڪار تحت ريفائنريز ۽ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي ٽن مهينن جي منصوبابندي بهتر انوينٽري ??نت??ام ۽ انصرام، سيلز جي بهتر رپورٽنگ ۽ اسٽاڪ جي ضرورتن، شفافيت، قيمتن جي واضح صورت ۽ ڪنهن هڪ آئل مارڪيٽنگ ڪمپني تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. موجوده نظام تحت پيٽروليم مصنوعات ج?? قيمتن جو تعين مهيني جي بنيادن تي ريفائنريز کي تيل صاف ڪرڻ کا?? اڳ جي قيمت ج?? اعلان جي اجازت تحت ٿئي ٿو جڏهن ته ان جي لاءِ اها شرط رکي وئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات ج?? قيمت پي ايس او جي گذريل مهينن جي حقيقي اوسط درآمدي قيمتن کا?? وڌيڪ نه هجي.