اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي واضح هدايتن تي سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي پاڪستان سٽيزن پورٽل، ڪامياب جوان پروگرام جهڙن قدمن ذريعي معاشري جي هر طبقي کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، عو??مي خدمت جي انهن قدمن سان حڪومت ۽ عو??م جي وچ ۾ فاصلا ختم ٿي ويا آهن، شهري گهر ويٺي پنهنجون شڪايتون داخل ڪرائين ٿا، جيڪي وزيراعظم آفيس مان لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃن ٿيون، ڪامياب جوان پروگرام ۽ سٽيزن پو??ٽل جهڙن عو??مي خدمتن جا منصوبا ڪاميابي سان جاري آهن. هو وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان سٽيزن پو??ٽل جي هيلپ لائين جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بٽڻ دٻائي پاڪستان سٽيزن پو??ٽل جي هيلپ لائين 9000111 – 051 جو باقاعده افتتاح ڪيو. پاڪستان سٽيزن پو??ٽل جي عملدارن وزيراعظم کي هيستائين پو??ٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهن جي انگ، شڪايتن ۽ ازالي بابت ??عاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان سٽيزن پو??ٽل جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن ان پو??ٽل ذريعي پنهنجون شڪايتون داخل ڪ??ون آهن، ان تي سٽيزن پو??ٽل جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خواهش آهي ته عو??م پاران حڪومتي ادارن جي حوالي سان شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪ??و وڃي، جيڪي ماڻهو معاشي سببن يا مختلف رڪاوٽن جي ڪري ادارن ۾ وڃي شڪايتون داخل نه ٿا ڪرائي سگهن، انهن جي لاءِ هي بهترين فورم آهي ته گهر ويٺي شڪايتو?? ڪري سگهجن.