اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ احساس ڪفالت ادائيگي سينٽر جو دورو ڪيو جنهن ۾ اڄ کان 70 لک مس??حق??ن کي ادائيگي شروع ڪئي ويندي. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ادائيگين جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سائبر حملن ج?? خلاف تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري عورتن جي بئنڪن تائين پهچ ۽ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي پڻ يقيني بڻائ?? وئي آهي. احساس ادائيگي نظام کي وصول ڪندڙن جي لاءِ مفيد ۽ آسان بڻائڻ جي لاءِ بايو ميٽرڪ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي جو آپشن پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو وڃي.