اسلام آباد – 5 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظ?? عمران خان سٽيزن پورٽل ذريعي ملڪ جي عوام کي سندن چانئٺ تي انصاف فراهم ڪري پنهنجو واعدو پورو ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ وزيراعظم سٽيزن پورٽل کي ٻن سالن ??و عرصو پورو ٿيڻ تي وزيراعظم کي مبارڪون پيش ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ه?? اها تبديلي آهي جنهن جو وزيراعظ?? عمران خان ۽ تحريڪ انصاف قوم سان واعدو ڪيو هو. پرڏيهي وزير وزيراعظم جي سٽيزن پورٽل تي وصول ٿيل ??ڪايتن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ تي پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جي سڄي ٽيم جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڪوڊ-19 جي وبا دوران وزارت پاران سڄي دنيا جي پاڪستانين جي مدد لاءِ ڪرائسز سينٽرز قائم ڪيا.