اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا خطي جي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ نئين عهد ۾ دا??ل ٿي ويا آهن، پاڪستان چين سان گڏ پنهنجي بي مثال دوستي تي فخر ڪندو آهي، پارلياماني وفدن ??ي مٽاسٽا سان گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ سان ڳاله??ئي??دي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي.