اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) ساموندي معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته نئين شپنگ پاليسي سيڙپڪارن جي لاءِ بهترين آهي جنهن ۾ سڀني جي لاءِ آساني هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي انٽرنيشنل ميري ٽائيم ڪان??رن?? ۾ شرڪت دوران ڪيو. ڪان??رن?? کي ??طا?? ڪندي هن چيو ته مون کي ڪان??رن?? ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي رهي آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۾ ٽيڪنالاجي جو اهم ڪردار هوندو آهي. ميري ٽائيم شعبي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ??رڻ جي صلاحيت آهي. ماڻهن کي بليو اڪانومي ۽ ان بابت سمجهڻ وڏو چئلينج آهي. علي زيدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته دبئي، ملائيشيا سميت سڄي دنيا ۾ جزيرا ترقي جي لاءِ استعمال ٿين ٿا. گوادر ٽرانسشپمينٽ جي لاءِ آئيڊيل تصور ڪيو وڃي ٿو منسٽري آف ميري ٽائيم ۽ ڪامرس ج?? وچ ۾ ڪجهه معاملا هلي رهيا آهن جلد ان حوالي سان آگاهه ??يو ويند??. ن??ين شپنگ پاليسي انويسٽرز جي لاءِ بهترين آهي اسان شپنگ پاليسي ۾ ترميمون اهڙي طرح ڪيون آهن جو سڀني کي آساني ٿئي. شپنگ پاليسي جي لاءِ اسان پنهنجو پرپوزل موڪلي ڇڏيو آهي جلد ئي ان تي ڪا سٺي خبر ملندي.