??سل??م آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منظور ٿيل هائوسنگ سوسائٽين ۽ غير منظور ٿيل سوسائٽين جو سمورو ڊيٽا لاڳاپيل ڊولپم??نٽ اٿارٽيز جي ويب سائيٽس تي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ صوبائي سطح تي سينٽرل ڊيٽا بئنڪ جوڙيو وڃي ته جيئن هي انهن منصوبن جي سمورا تفصيل هر پاڪستاني ۽ خاص طور تي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ميسر هجن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپم??نٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين جي فروغ ۽ صوبائي حڪومتن پاران منظورين جي عمل ۾ تيزي جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وزيراعظم کي ٻڌايو ته هن وقت تا??ين 87.03 ملين مربع فوٽ تي تعميرات جي حوالي سان درخواستون ملي چڪيون آهن. ان ۾ لاهور 38 سيڪڙو، ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن 22 سيڪڙو، راولپنڊي 18 سيڪڙو، فيصل آباد 11 سيڪڙو، ملتان 10 سيڪڙو شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 29 ڊسمبر تا??ين 62.33 ملين مربع فوٽ تعيمرات جون درخواستون مليون هي??ن، هن وقت اهو تعداد 87.03 ملين مربع فوٽ تا??ين پهچي ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي جي سمورن ضلعن ۾ تعيمراتي سرگرميون واقع ٿي رهيون آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تا??ين 41.07 ملين مربع فوٽ تعميرات جون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن. 29 ڊسمبر تا??ين ڏنل منظورين جو رقبو 30 ملين مربع فوٽ هو، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته تعميراتي منصوبن جي حوالي سان هن وقت تا??ين پورٽل تي ڪل 17692 درخواستون مليون آهن جنهن مان 11349 منظور ٿي چڪيون آهن، هن ٻڌايو ته منظور ٿيندڙ ۽ منظوري جي عمل ۾ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو ڪل ڪاٿو 353.43 ارب روپيا آهي، ان 353.43 ارب روپين جي سيڙپڪاري مان 1767.15 ارب جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون ۽ 315678 نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا.