اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري سينيئر صحافي حاجي نواز رضا ۽ طارق سمير جي والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افس??س جو اظهار ڪ??و آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ حاجي نواز رضا ۽ طارق سمير سان دلي تعزيت جو اظهار ڪ??و آهي ۽ مرحومه جي لاڏاڻي کي ان جي گهرڀاتين جي لاءِ عظيم صدمو قرار ڏنو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعالي?? کان مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن کي اهو نقصان برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي دعا پڻ ڪئي.