چڪدره – 19 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي ڏيوالپڻي ??ان تمام گهڻي مهانگائي ۽ روپئي جو مُلهه گهڻو ڪري پوي ٿو، دوست ملڪن مدد ڪري ڏيوالپڻي کان بچايو، گذريل 30 سالن دوران ملڪ جو پسئو چوري ڪيو ويو، مسلم ليگ (ن) پنهنجي پهرئين اڍائي سالن ۾ قرضن تي وياج جي مد ۾ 3 هزار روپيا جڏهن ته ا??ان 6.2 ٽريلين روپيا ادا ڪيا آهن، مسلم ليگ (ن) وياج سمڪيت قرض جي ادائيگي جي مد ۾ 20 هزار ارب روپيا 7 ا??ان 35 هزار ارب روپيا واپس ڪيا آهن، سنڌ حڪومت بنڊل آئي لينڊ جزيري ۾ سيڙپڪاري جي اجازت نه ڏئي رهي آهي، مشڪل حالتن مان ا??ان نڪري آيا آهيون، سياحت جي شعبو ترقي ڪندو ته روزگار جا موقعا وڌندا، ٽيڪنالاجي ۽ فني تعليم جي وڏي اهيمت آهي، اهڙا منصوبا لڳائي رهيا آهيون جنهن ??ان ملڪي د??لت وڌندي، ڪو ملڪ صنعتي شعبي جي فروغ کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، زرعي شعبي جي ترقي لا??ِ ايندڙ هفتي نئين پاليسي آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اطهار هن يونيورسٽي آف مالاڪنڊ جي نئين بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته دنيا جون سموريون يونيورسٽيون ڏسي چڪو آهيان، نمل يونيورسٽي پاڪستان جي آڪسفورڊ يونيورسٽي بڻجندي. القادر يونيورسٽي جي به سيپٽمبر ۾ به تڪميل ٿي ويندي، دنيا جي وڏن وڏن اسڪالرن کي ان جي بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ڪوشش آهي ته قوم کي هڪ اه??ي پڙهيل لکيل قيادت فراهم ڪئي وڃي ته جئين ا??ان کي پتو پئجي سگهي ته دنيا ۾ ا??ان جي اچڻ جو مقصد ڪهڙو آهي. هن چيو ته ان??ان اشرف المخلوقات آهي، ان??ان کي دنيا ۾ پنهنجي اچڻ جو مقصد سمجهڻو پوندو، صرف پنهنجي لا??ِ ان??ان جي زندگي جو مقصد نه آهي، پئسو خوشي نٿو ڏي، خوشي ان وقت ملي ٿي جڏهن ان??ان سڌي رستي تي هلندو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ به ارب پتي ماڻهو موجود آهن ۽ کين ان جو پتو ئي ناهي ته انهن وٽ ڪيتري د??لت آهي، 30 سال ملڪ جو پئسو چوري ڪيو ويو، اه??ي پئسي جو ڪهڙو فائدو جڏهن ان??ان پاڻ به ڪوڙ ڳالهائي ۽ سندس ٻار به ڪوڙ ڳالهائيندا هجن، ڪڏهن اسپتال ۽ ڪڏهن جيل وڃي رهيا هجن، اهو ا??ان جي لا??ِ عبرت جو مقام آهي، مسلمان دنيا جي وڏي طاقتن کي پنهنجي ڪردار جي زور تي شڪست ڏني هئي.