اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 76 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 629 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شه??ن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناس?? جي لحاظ کان ملتان ۾ 56 سيڪڙو، لاهور ۾ 30 سيڪڙ??، پشاور ۾ 26 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شه??ن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناس?? جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 33 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 32 سيڪڙ??، پشاور ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 427 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 13 هزار 536، پنجاب ۾ 22 هزار 819، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 713، اسلام آباد ۾ 4 هزار 759، بلوچستان ۾ هڪ هزار 690، گلگت بلتستان ۾ 282، آزاد ڪشمير ۾ 628 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 63 هزار 111 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 418 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 47 هزار 764 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 32 هزار 140 آهي جن مان ??زاد ڪشمير ۾ 19 هزار 493، بلوچستان ۾ 25 هزار 729، گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 633، اسلام آباد ۾ 81 هزار 700، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 34 هزار 321، پنجاب ۾ 3 لک 42 هزار 192 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 23 هزار 72 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 21 هزار 265 آهي.