اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 8487 ارب رپيا آهي جيڪو گذ??يل سال جي 7136 ارب رپين جي بجيٽ کان 19 سيڪڙو وڌيڪ آهي، نئين مالي سال ۾ ز??اع?? جي لاءِ واڌاري جي شرح 3.5 سيڪڙو، صنعت 6.5 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شع??ي ۾ واڌاري جو هدف 4.7 سيڪڙو مقرر ڪيو پيو وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغامن ۾ هن چيو ته هلندڙ سال زرعي شع??ي ۾ رڪارڊ ترقي ٿي آهي ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ??ڪو??ت ايندڙ مالي سال جي لاءِ واڌاري جو هدف 4.8 سيڪڙو رکي رهي آهي.