اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، پاڪستا?? ۾ ??هشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن، پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تب??هه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزيراعظم طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي، افغانستان هن وقت تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي. اربع ڏينهن آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ت?? هو سمجه?? ٿو ته افغانستان هڪ تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي، اسان جي دعا آهي ته اهو 40 سالن کانپوءِ امن جي راهه تي هلي پوي، جيڪڏهن طالبان سمورن ڌڙن کي گڏ کڻي حڪومت ٺاهين ته اهو ممڪن ٿي سگه?? ٿو، هن چيو ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن ٻيو رستو اختيار ڪيو ويو ته هڪ تمام وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگه?? ٿو، هن چيو ته جنهن مقصد لاءِ آمريڪا افغانستان آيو هو اهو عالمي دهشتگردن جو خاتمو ٿو، وزيراعظم چيو ته افغانستان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ امڪان آهي ته افغانستان ٻيهر دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي سگه?? ٿو، اسان اها اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته 40 سالن کانپوءِ هتي امن قائم ٿئي، تنهن هوندي به هن وقت افغانستان جي حوالي سان ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته افغانستان جي اها تاريخ رهي آهي ته ان کي ڪڏهن به ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي هتي عوام جي مرضي جي خلاف ڪا ڪٺ پتلي حڪومت عوام قبول ڪندي آهي، ان لاءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران کيس مدد جي آڇ ڪرڻ گهرجي، عورتن جي حقن بابت هڪ سوال تي هن چيو ت?? هو سمجه?? ٿو ته اهو سوچڻ غلطي آهي ته ٻاهران ويهي ڪو افغان عورتن کي حق ڏئي سگه?? ٿو، افغان عورتون طاقتور آهن ۽ کين وقت ڏنو وڃي، افغان عورتن کي پنهنجي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شروع ۾ پاڪستان 50 لک افغان پناهگيرن کي پناهه ڏني، انه?? ۾ ??قاني قبيلي جا ماڻهو به هئا، ان قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو پاڪستا?? ۾ ??فغان پناهگير جي ڪيمپن ۾ پيدا ٿيا، آمريڪين کي حقاني نيٽ ورڪ جي باري ۾ معلوم ن?? هو ته اهو ڇا آهي، حقاني افغانستان جو پشتون قبيلو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ڪل بجيت 50 ارب ڊالر آهي جيڪا 22 ڪروڙ ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿي، پاڪستان ڪيئن وڌيڪ ڪنهن جنگ جي سٽ سهي سگه?? ٿو، وزيراعظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شموليت تي پاڪستان کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، وزيراعظم چيو ته نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ تي پاڪستان جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 عسڪريت پسند گروه حملا ڪري رهيا هئا، ان سڀني جي باوجود آمريڪا به پاڪستان تي 480 ڊرون حملا ڪيا، شايد ئي ڪڏهن ائين ٿيو هجي ته ڪنهن ملڪ پنهنجي اتحادي ملڪ تي حملا ڪيا هجن. وزيراعظم پاڪ سرزمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم چيو ته ٻين جي جنگ وڙهي پنهنجي ملڪ کي تب??هه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزويراعظم طور منهنجي ذميداري پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي.