اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪي معدني??ت جي ذخ??رن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ ٺـوس حڪمت عملي ٺاهي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معدني ترقياتي پروگرام تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن حماد اظهر، اسد عمر، لاڳاپيل شعبي جي وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي معدني ترقياتي پروگرام جي نقطن ۽ تجويز ڪيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته شعبي کي درپيش مسئلن جي نشاندهي سان گڏوگڏ قانوني ۽ انتظامي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي فروغ سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي پڻ نظر ۾ رکي پروگرام جوڙيو پيو وڃي. اجلاس کي ملڪي معدني??ت جي ذخ??رن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ملڪ ۾ پهاڙي لوڻ، چوني جو پٿر، چيني مٽيءَ، سليڪا واريءَ ۽ ڪيترين ئي ٻين صنعتي معدني??ت جا ذخ??را موجود آهن، پاڪستان ۾ ڪرومائٽ، تانبي، سون، چاندي، لوهه، ليڊ ۽ زنڪ جا ڌاتي ذخ??را پڻ موجود آه??. س??گ مرمر، گرينائٽ ۽ واريءَ جي پٿر جي پڻ وسيع زخيرن جي موجودگي کان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته پکراج، زمرد، روبي، ٽورمالين (ترمري) ۽ ايڪواميرائن (نيلگون بلور) جهڙا قيمتي پٿر ۽ ڪوئلي جا ذخ??را پن وڏي مقدار ۾ موجود آهن. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته چنيوٽ ۽ ڪالاباغ ۾ لوهه جي ذخ??رن تي سيڙپڪاري جي لاءِ حڪمت عملي حتمي مرحلن ۾ آهي. اجلاس کي چئين صوبن کانسواءِ گلگت بلتستان ۾ پڻ موجود ممڪن ذخ??رن بابت آگاهه ڪيو ??يو جڏهن ته شعبي جي ترقي لاءِ تحقيق جي فروغ لاءِ قدم پڻ پروگرام ۾ شامل هوندا. وزيراعظم پروگرام کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته معدني??ت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي ۽ ان مان فائدو کڻڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.