اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للها – جهلم ٻن ڦاڪن واري رستي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، 128 ڪلوميٽر ڊگهو ٻن ڦاڪن وارو رستو 16 ارب رپين جي لاڳت ??ان تعمير ٿ??ند?? ۽ ان جي تڪميل 30 مهينن ۾ ٿ??ند??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان رستي جي تعمير سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن ۾ رابطو قائم ٿ??ند??، ڄاڻايل رستي جي ڪري سياحت کي فروغ، پ??کي??َ جي فارم کان مارڪٽ پهچ، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي ۽ ترقي واري و??اق?? وزير اسد عمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين پڻ شرڪت ڪئي.