اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي پي ايس سانحي جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ست سال گذرڻ جي باوجود اڄ به ا??ان اي پي ايس سانحي کي نه وساري سگهياسين، بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل، هٿين خالي معصوم ٻارن تي حملو ڪري کين شهيد ڪيو، ان ??ينهن کي ياد ڪري ڪو به پنهنجا لڙڪ نٿو روڪي سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اي پي ايس سانحي جا شهيد پوري قوم کي دهشتگردي جي خلاف متحد ڪيو، 16 ڊسمبر جو ڏي??هن آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي عظيم قربانين جي سدائين ياد ڏياريندو رهندو، هن چيو ته قوم جي حيثيت ??ان دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڊگهو سفر طئي ڪيو، ا??ان پاڪستان ۾ ڊگهي امن ۽ ترقي طرف گامزن آهيون، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سندس وارثن کي صبر جميل عطا فرمائي.