اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باني پاڪستان ??ائ??اعظم محمد علي جناح پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان ??ائ??اعظم جي م??ن جي نگهباني ڪري رهيو آهي، عمران خان اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو ماڊرن ۽ ترقي پسند ملڪ هجي ۽ اسلامي دنيا کي ليڊ ڪري. اها ڳالهه هن ??ائ??اعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته ??ائ??اعظم محمد علي جناح پاڪستان ?? اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ويزن ڏنو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ جي نالي تي ٺهيو. وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم ??ائ??اعظم محمد علي جناح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ اسان نئون پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي اهو ئي خواب آهي جيڪو علامه محمد اقبال ڏٺو جنهن کي ??ائ??اعظم محمد علي جناح پڄاڻي تي پهچايو. هن چيو ته اسان جا سمورا قدم ??ائ??اعظم جي سوچ ??و عڪاس آهن، اهو ئي اهو پاڪستان آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جدوجهد ڪري رهي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي ??ائ??اعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي ??ائ??اعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي م??ارڪباد ڏني.