اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي رسجا جي نئين چونڊيل باڊي کي مبار??با?? ڏني آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين سماءَ نيوز جي عباس شبير کي صدر، آج نيوز جي آصف نويد کي سينئر نائب صدر، 92 نيوز جي فهيم اختر، اين اين آءِ جي حافظ عبيد نائب صدر، افضل جاويد کي گورننگ باڊي ميمبر چونڊجڻ تي مبار??با?? ڏني آهي، هن چيو ته نوان چونڊيل عهديدارن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي، آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ اڻٽر آهي، سينيٽ چيئرمين اميد ظاهر ڪئي ته نوان چونڊيل عهديدار صحافي برادري جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا