بيجنگ – 06 فيبروري (??ي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي بيجنگ ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي سهولت لاءِ ٺاهيل پورٽل جو افتتاح ڪيو، چ??ن ۾ پاڪستان جو سفير معين ال??ق پڻ پرڏيهي وزير سان گڏ هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته هن پورٽل جو مقصد پاڪستاني شاگردن ۽ چيني ماهرن جي وچ ۾ ??ني رابطي جو فروغ آهي، هي پاڪستاني شاگردن ۽ چ??ن ۾ پيشيواراڻي ڪميونٽي جي وچ ۾ رابطو وڌائڻ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو. شاهه محمود قريشي چيو ته هي پورٽل جديد دريافتن جي ڏس ۾ معاونت فراهم ڪندو ۽ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي ڪاميابين کي اجاگر ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو.