ماسڪو – 24 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، روس سان ٻطرفن لا??اپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن ماسڪو ۾ پنهنجي روسي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ٻطرفن لا??اپن، گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. روسي پرڏيهي وزير ماسڪو اچڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه قريشي جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لا??اپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان روس سان ٻطرفن لا??اپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ لا??اپا مستحڪم ٿيا آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن جي فروغ جي ايجنڊا تي ع??ل ڪري رهيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ٻطرفن لا??اپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. روسي پرڏيهي وزير افغانستان جي حوالي سان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ڪاميابي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي قيادت کي مبارڪباد ڏني ۽ 22 – 23 مارچ تي اسلام آباد ۾ متوقع او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي روسي هم منصب جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.